حڪيم خدا بخش خان ڌاريجو

حڪيم خدا بخش خان ڌاريجو: ناليوارو حڪيم ۽ سماجي خدمتگار، خدابخش خان ڌاريجو، 1868ع ڌاري هنڱورجن ۾ ڄائو. سندس وڏا هنڱورجن مان لڏي نوراجا ۽ پوءِ بقاآباد ۾ اچي ويٺا. هيءُ پنهنجي وقت جو نهايت قابل حڪيم هو. کيس ’اجمل سنڌ‘ به سڏيو ويندو هو.. حاجي خدا بخش شروعات ۾ پوليس کاتي ۾ ڀرتي ٿيو ۽ ڳجهي کاتي لاءِ جاسوسي ڪندو هو. نوڪريءَ دوران انگريز سرڪار خلافت تحريڪ ۽ ترڪ موالات تحريڪ جي نگرانيءَ لاءِ کيس مقرر ڪيو. 1918ع ۾ سنڌ جي ناليواري عالم مولانا تاج محمود امروٽيءَ سان ملاقات ٿي، جنهن کيس اصل حقيقتن کان آگاهه ڪيو، ان بعد نوڪريءَ تان استعيفا ڏنائين. سندس استعيفا تي انگريز آفيسرن کيس گهرائي انسپيڪٽر ٿيڻ جي پيشڪش ڪئي، پر هن اها ٺڪرائي ڇڏي . ان بعد هيءُ حڪمت ۽ زمينداري ڪرڻ لڳو. سندس حڪمت خاني تي مريضن جي وڏي رش هوندي هئي. اهو طب خانو هن وقت به سندس فرزند علامه عبدالواحد سنڀالي رهيو آهي. هن 112 سالن جي عمر ۾ 16 جنوري 1980ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو